شرف الدين خطاط

شرف الدين خطاط: سيوهڻ جو رهاڪو هيءُ خطاط ميان عبدالحڪيم سيوهاڻيءَ جو فرزند ۽ مشهور خطاط فيض محمد جو ڀاءُ هو. هي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي خطاطي ۽ ڪتابت ڪندو هو. جڳ مشهور ڪتاب ‘تصريح’ جي ڪتابت به ٻنهي ڀائرن گڏجي ڪئي هئي. سهڻي ۽ وڻندڙ ڪتابت جي ڪري پري پري جا عالم هن کان ڪتابت ڪرائيندا هئا. پاڻ خطاطيءَ جي ڪري ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ تمام گھڻو مشهور هو. هن خطاط جي وفات جو سال ڪتاب ‘سيوهڻ صدين کان’ موجب 1209هه/1794ع ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو